اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پوليس تحريڪ انصاف اڳواڻ شير افضل مروت کي پارليامينٽ ٻاهران گرفتار ڪري ورتو.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته عمر ايوب ۽ زرتاج گل کي به گرفتار ڪيو ويندو پر علي محمد خان پارليامينٽ هائوس مان روانو ٿي ويو آهي ۽ کيس پوليس گرفتار نه ڪيو.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران پوليس جي وڏي نفري مقرر آهي ۽ ريڊ زون جا داخلي ۽ ٻاهريان رستا بند ڪيا ويا آهن.
ڊي چوڪ، نادرا چوڪ، سرينا ۽ ميريٽ واري هنڌان ريڊ زون کي مڪمل طور سيل ڪيو ويو آهي.
ريڊ زون ۾ داخلا ۽ ٻاهر وڃڻ لاءِ رڳو مارگلا روڊ جو رستو کليل آهي.
ذريعن موجب شير افضل مروت کي نئين قانون تحت قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪيو ويو، کيس پوليس سان جهيڙي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين قانون تحت جلسي ۾ موجود پنجاب جي قيادت خلاف به ڪريڪ ڊائون شروع ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ اسلام آباد پوليس پنجاب پوليس کي ان حوالي سان باضابطا طور آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
Previous Articleسنڌ کي معاهدي موجب پاڻي ڏنو وڃي: يوسف ٽالپر
Next Article اسلام آباد جلسو: پي ٽي آءِ قيادت خلاف ڪيس داخل