اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ رد ڪندي کيس گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
عمران خان طرفان توشا خانا ڪيس ۾ جاري سيشن ڪورٽ جي گرفتاري وارنٽ خلاف درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪئي، لاهور مان ئي عمران خان جي بائيو ميٽرڪ ڪرائي وئي، جنهن کانپوءِ ٻڌڻي شروع ٿي.
عدالت جي روبرو عمران خان جو وڪيل خواجا حارث، بئريسٽر گوهر پيش ٿيا، پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز به عدالتي ڪمري ۾ موجود رهيو.
چيف جسٽس چيو اميد نه هئي ته توهان هتي هوندئو، جنهن تي خواجا حارث چيو ته مان فيصلو ٽرائل ڪورٽ سامهون رکيو هو، هن عدالت جيڪو فيصلو ڏنو هو، ٽرائل ڪورٽ ان کي نظرانداز ڪيو.
عدالت چيو ته بائيو ميٽرڪ سميت مختلف اعتراض به آهن، ان تي خواجا حارث چيو ته بائيو ميٽرڪ اسان لاهور مان ڪرائي ورتي آهي.
عدالت عمران خان جي درخواست تي اعتراض ختم ڪري ڇڏيا ۽ عمران خان جي وڪيلن کي بائيو ميٽرڪ جي رسيد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته هن عدالت انڊر ٽيڪنگ ۽ شورٽي بابت ٽرائل جو چيو هو ته اطمينان ڪري آرڊر ڪن، ڇو ٽرائل ڪورٽ انڊر ٽيڪنگ منظور نه ڪئي؟
خواجا حارث چيو ته ٽرائل ڪورٽ لاهور واقعي کي نظر ۾ رکندي انڊر ٽيڪنگ منظور نه ڪئي، مان چيو هو ته لاهور واقعي بابت ڪارروائي اتي ٿي رهي آهي.
عدالت پڇيو ته ڇا توهان جي انڊر ٽيڪنگ هاڻ به موجود آهي؟ ان تي خواجا حارث چيو ته ها عمران خان جي انڊر ٽيڪنگ هاڻ به موجود آهي.
چيف جسٽس چيو ته مان ايڊمنسٽريٽو سائيڊ تي سيڪيورٽي بابت چئي ڇڏيو آهي، سيشن جج کي به ان حوالي سان چئي ڇڏيو آهي.
خواجا حارث چيو ته عمران خان سڀاڻي عدالت سامهون پيش ٿيندو، عمران خان کي اهو خطرو آهي ته مٿس حملو ٿي سگهي ٿو، حڪومت وٽ به ان حوالي سان ڄاڻ آهي.
چيف جسٽس چيو ته سيشن ڪورٽ يقينن توهان جي پيشي تي سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي، انڊر ٽيڪنگ جو مطلب عدالت سامهون بيان آهي، جيڪڏهن ڀڃڪڙي ٿي ته توهين عدالت ٿيندي.
عمران خان سڀاڻي سيشن ڪورٽ پيشي لاءِ عدالت ۾ انڊر ٽيڪنگ ڏني، جنهن کي هاءِ ڪورٽ تسليم ڪري ورتو.
پوءِ چيف جسٽس توشا خانا ڪيس ۾ سيشن ڪورٽ جي گرفتاري وارنٽ تي عملدرآمد روڪيندي عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته عمران خان سڀاڻي عدالتي وقت اندر پيش ٿئي نه ته توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي.