اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد پوليس جلسو وقت تي ختم نه ڪرڻ، پوليس تي پٿراءَ ۽ روٽ جي ڀڃڪڙي تي پي ٽي آءِ قيادت خلاف ٽي ڪيس داخل ڪري ورتا.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ انتظاميا خلاف پهريون ڪيس سنگجاني ٿاڻي ۾ جلسي جي مقرر وقت جي پاسداري نه ڪرڻ تي داخل ڪيو ويو آهي، ٻيو ڪيس سمبل ٿاڻي ۾ مقرر روٽ جي ڀڃڪڙي تي ۽ ٽيون ڪيس ايس ايس پي سيف سٽي سميت ٻين اهلڪارن تي پٿراءُ ڪرڻ تي نون ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب ڪيس ۾ زرتاج گل، عامر مغل، شعيب شاهين، عمر ايوب سميت ٻين 28 اڳواڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي.
Previous Articleاسلام آباد پوليس شير افضل مروت کي گرفتار ڪري ورتو
Next Article پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان