ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ آڪٽوبر جي پهرئين ڏينهن سون جي قيمت ۾ معمولي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون ڇهه سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 74 هزار 9 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 515 رپيا لاٿ کانپوءِ 2 لک 35 هزار 682 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ڇهه ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2 هزار 6 سئو 47 ڊالرز ٿي وئي آهي.