ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئيني عدالت ضروري ۽ مجبوري آهي، انڪري آئيني عدالت ضرور ٺاهينداسين.
ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئين سازي ۽ قانون سازي عدليا ذريعي نٿي ٿي سگهي، 19هين آئيني ترميم سپريم ڪورٽ جي ڌمڪي سبب آڻڻي پئي پر هاڻ ڪجهه به ٿئي ميثاق جهموريت موجب عدالتي سڌارا آڻينداسين.
هن چيو ته 18 هين ترميم ۾ ججن جي مقرريءَ جو اُهو طريقي بدلائڻو پيو جيڪو سڄي دنيا ۾ لاڳو آهي، آمريڪا ۾ پوري پارليامينٽ ججن جي مقرريءَ جو فيصلو ڪندي آهي، اِهو ئي سبب آهي جو آمريڪا ۾ اڄ تائين مارشل لا ناهي لڳي.
بلاول چيو ته آئيني عدالت ضروري آهي ۽ مجبوري به، انڪري عدالت ضرور ٺاهينداسين ته جيئن ڪنهن ٻئي وزيراعظم کي ڦاهي تي نه چاڙهي سگهجي ۽ ماڻهن کي انصاف ملي.
پ پ چيئرمين چيو ته هڪ انصاف ڏيندڙ اداري عدالتي قتل ڪيو، ضياءَ الحق جو دور شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڏٺو، هر سياسي ڪارڪن تي تشدد ٿيو، شهيد بينظير ڀٽو کي خبر هئي، اسان جو نظام ٽٽل آهي، ان وقت افتخار چوڌري انقلابي نه پي سي او جج هو، ڪو ڊيم وارو جج نه هو.
سندس چوڻ هو ته جنهن وقت عدالتون پڪوڙن ۽ ٽماٽن جا اگهه طئي ڪري رهيون هيون، ان وقت فيصلو ڪيو هو ته آئيني عدالت ٺهندي ماڻهن کي انصاف ملندو.
Previous Articleمرتضيٰ وهاب جي روڊن جي تعمير جو ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت