ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو اهي ته 26هين آئيني ترميم ۾ ڪا خرابي نظر نٿي اچي.
ڪراچي ۾ هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي هن چو ته 26هين آئيني ترميم ۾ ڪا خرابي نظر نٿي اچي، ڪا هجي ته ٻڌايو.
هن چو ته جيڪڏهن ڪا 27هن ترميم اچي رهي آهي ته ان جي خدوخال بابت خبر ناهي. نگران حڪومت نه هجڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته آئين مان نگران حڪومت جي شق ڪڍڻي پوندي، سڄي دنيا ۾ هاڻي نگران حڪومتن جو تصور ختم ٿي ويو آهي، اسان کي ادارن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي.